لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا ۽ زمبابوي جي دوري لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستاني ٽيم آسٽريليا ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏندي، جڏهن ته زمبابوي جي دوري ۾ به 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏيون وينديون. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل اعلان موجب زمبابوي جي دوري لاءِ بابر اعظم، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي کي آرام ڏنو ويندو، جڏهن ته وائيٽ بال ٽيمن جي ڪپتان جو اعلان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪندو. زمبابوي جي دوري لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي رانديگرن کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. آسٽريليا جي دوري لاءِ ون ڊي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم، عبدالله شفيق، محمد رضوان، صائم ايوب، سلمان علي آغا، شاهين شاهه آفريدي شامل آهن. ان کان علاوه عامر جمال، عرفات منهاس، فيصل اڪرم، حارث رئوف، ڪامران غلام ۽ محمد حسنين به ٽيم جو حصو آهن. حسيب الله، محمد عرفان خان ۽ نسيم شاهه به ون ڊي اسڪواڊ جو حصو هوندا. پي سي بي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جو به اعلان ڪري ڇڏيو. ٽي 20 اسڪواڊ ۾ بابر اعظم، عرفات منهاس، حارث رئوف، حسيب الله ۽ جهانداد خان شامل آهن جڏهن ته عباس آفريدي، محمد رضوان، محمد عرفان خان، نسيم شاهه ۽ عمير بن يوسف به ٽي 20 اسڪواڊ جو حصو آهن. ان کان علاوه صاحبزاده فرحان، سلمان علي آغا، شاهين شاهه آفريدي، صائم ايوب، صفيان مقيم ۽ عثمان خان ٽي 20 ٽيم ۾ شامل آهن.










