حيدرآباد (پ.ر)سنڌ يونيورسٽي طرفان پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل پروگرامن جي فيسن ۾ واڌ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي حيدرآباد طرفان ايس ايس ٽي جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون ، عوامي تحريڪ حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، ايس ايس ٽي حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري عرفان لاشاري، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري فاضل کوسو، ايس ايس ٽي سنڌ يونيورسٽي جي آرگنائزر مختيار گائنچو، محبوب کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين سبب وڌندڙ مهانگائي پورهيت طبقي جي شاگردن لاء تعليم حاصل ڪرڻ مشڪل بڻائي ڇڏي آهي، تعليمي ادارن جي پرائيويٽائزيشن جي پاليسي تي عمل ڪندي ناجائز فيسون وڌايون پيو وڃن. جيڪو سنڌ دشمن، ملڪ دشمن ۽ عوام دشمن عمل آهي. اڳواڻن جو چوڻ هو ساڳين پروگرام ۾ ٻين يونيورسٽين جي فيس گهٽ آهي پر سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پنهنجا شاهي خرچا پورا ڪرڻ لاء شاگردن تي ڳاٽي ٽوڙ فيسن جو بار رکيو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي طرفان پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل پروگرام ۾ فيسن جي واڌ ختم ڪري شاگردن کي اسڪالر شپون ڏنيون وڃن.










