پي ايس 29 جي سمورين پولنگس تي ووٽن جو تفصيل طلب

پي ايس 29 جي سمورين پولنگس تي ووٽن جو تفصيل طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمر سيال تي ٻڌل اليڪشن ٽربيونل پي ايس 29 خيرپور ميرس جي ناري تعلقي جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تي ڪاسٽ ٿيل ووٽن تي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ آڱوٺن جي نشانن جي نادارا کان تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٽربيونل اهڙو حڪم سومر تي پي پي اميدوار بئريسٽر شيراز شوڪت راڄپر پاران ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ جي ڪاميابي خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت نادرا کي ناري تعلقي جي سمورن پولنگ اسٽيشنن تي ڪاسٽ ٿيل ووٽن جي تصديق ڪرائي ٻن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. درخوستگذار شيراز شوڪت راڄپر موجب ناري تعلقي ۾ سئو سيڪڙو ووٽ ڪاسٽ ٿيا آهن جڏهن ته نارو انتهائي ڏورانهون علائقو آهي. ناري کان سواءِ تڪ جي ٻي ڪنهن به شهر ۾ سئو سيڪڙو ووٽ ڪاسٽ نه ٿيا آهن جنهنڪري عدالت ڄاڻايل ووٽن جي تصديق ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي. ياد رهي ته ان کان اڳ عدالت  ڊي آر او کي ڄاڻايل تڪ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو  حڪم ڏنو ته ڊي آر او چيو ته ڄاڻايل تڪ جي 32 پولنگ اسٽيشنن جي ووٽن جو مڪمل رڪارڊ موجود ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو