پي ايس ايل جا باقي ميچ 17 مئي کان ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو

پي ايس ايل جا باقي ميچ 17 مئي کان ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو

لاھور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين ايڊيشن جا باقي 8 ميچ 17 مئي کان منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ايس ايل 10 جا باقي ميچ 17 کان 25 مئي تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪيا ويندا.ذريعن موجب، پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن جي باقي ميچن لاءِ سڀئي فرنچائزز پنهنجن پرڏيهي رانديگرن سان رابطي ۾ آهن، ۽ ڪيترن ئي رانديگرن واپسي جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته مقامي رانديگرن کي انهن فرنچائزز جي متبادل طور چونڊيو ويندو جن وٽ پرڏيهي رانديگر موجود نه آهن.ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان شيڊول جو آخري اعلان اڄ متوقع آهي.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پي ايس ايل 10 جا باقي ميچ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٽي 20 سيريز تي اثر انداز نه ٿيندا ۽ اهو شيڊول مطابق ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو