پي ايس ايل 5 جون تياريون مڪمل، ٽرافي جي رونمائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حبيب بئنڪ پاڪستان پنجين سپر ليگ ٽرافي جي رونمائي تقريب ڪراچي اسٽيڊيم ۾ منعقد ٿي. اسڪواش آئيڪن جهانگير خان، چيئرمين پي سي بي احسان ماني ٽرافي اسٽيڊيم ۾ ڪاري ڪپڙي ۾ ويڙهي کڻي آيا. ٽرافي برطانيا جي ڊزائنر ٺاهي آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻي اهائي ڊزائن پڪي هوندي. ٽرافي تي فاتح ٽيم جو نالو بعد ۾ لکيو ويندو. پي ايس ايل جي پنجين ايڊيشن جون ميچز 20 فيبروري کان 22 مارچ تائين ڪراچي، لاهور، رڳولپنڊي ۽ ملتان ۾ کيڏيون وينديون.

PSL Trophy 2020, Photo Twitter

ان موقعي تي احسان ماني اعلان ڪيو ته ايندڙ سال پي ايس ايل جا ميچ ڪوئٽا ۽ پشاور ۾ به منعقد ٿينديون. ماني چيو ته هلندڙ سال ڪرڪٽ سرگرمين جو سال آهي ڇو ته هن سال 190 ميچز کيڏيون وينديون. هن چيو ته پي ايس ايل ۾ پرڏيهي ڪرڪيٽرن جي دلچسپي وڌي رهي آهي ۽ هن سال 450 ڪرڪٽرز پاڻ کي پيش ڪيو جن مان فرينچائيز وارن 36 رانديگر چونڊيا. هن چيو ته خرچن ۽ گهٽ سهولتن جي شڪايتن تي هو معذرت ٿو ڪري ۽ اهڙا معاملا آئنده ختم ٿي ويندا. ان موقعي تي ٽيمن جا ڪپتان ۽ فرينچائيز جها مالڪ به موجود هئا. پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريد جيڪو شاهد آفريدي جو ڀاءُ آهي تنهن پي سي بي انتظاميه ۽ فنانس ڪندڙ ادارن جو شڪريو به ادا ڪيو. هن درخواست ڪئي ڊيرن سيمي کي پاڪستان جي اعزاي شهريت ڏني وڃي ۽ ان ڏس ۾ احسان ماني ذاتي ڪوششون وٺي. ڪراچي ڪنگز ۽ اي آر واءِ ٽي وي جي مالڪ سلمان اقبال چيو ته اهو خوسي جو موقعو آهي ته سڀ ميچ پاڪستان ۾ ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو