لاهور(ويب ڊيسڪ) 130 جي بظاهر آسان ٽارگيٽ لاءِ محمد حارث ۽ بابراعظم اننگ شروع ڪئي ته پشاور جا 3 ٽاپ آرڊر جا بيٽر جلدي آئوٽ ٿي ويا، حارث 6 رنز ٺاهي محمد علي جي بال تي مارنس لبوشين هٿان ڪيچ ٿيو، ۽ بابر اعظم پهرين ئي اوور ۾ زيرو تي ڪيپر عثان خان هٿان ڪيچ ٿيو. ڪسال مينڊس کي حنين شاهه معاذ صداقت هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 9 رنز ٺاهيون. جنهن بعد بريسويل عاڪف جايد جي بال تي ڪيپر هٿان 4 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو ۽ پشاور 40 تي 4 آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد ايرون هارڊي ۽ عبدالصمد اسڪور اڳتي وڌايو ۽ ٽيم جو اسڪور 100 کان پار ڪرائي فتح جي اميد پيدا ڪئي. 13 هين اوور ۾ هارڊي 50 مڪمل ڪئي. هن اڳ ۾ 27 رنز ڏئي 4 وڪيٽون به ورتيون هيون. 15 هين اوور ۾ محمد علي جي بال تي عبدالصمد 48 تي ميڪسويل هٿان ڪيچ ٿيو، فرحان يوسف وننگ شاٽ يعني چوڪو هڻي پشاور کي 5 وڪيٽن تان فائينل کٽائي ورتي. ايرن هارڊي 9 چوڪن سان 39 بالن تي 56 رنز ناٽ آئوٽ اننگ کيڏي. ان کان اڳ پشاور زلمي ٽاس کٽي حيدرآباد ڪنگز مين کي بيٽنگ جي دعوت ڏني آهي. مارنس لبوشين ۽ معاذ صداقت اننگ جي شروعات ڪئي. پشاور زلمي بنگلاديشي بالر ناهيد رانا کي خصوصي طور گهرايو آهي. ميچ کان اڳ پڄاڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. معاذ صداقت 11 رنز ٺاهي باسط جي بال تي صمد هٿان ڪيچ ٿيو. مارنس لبوشين 12 بالن تي هڪ ڇڪو ۽ 3 چوڪا هڻي 20 رنز ٺاهي ايرون هارڊي جي بال تي ڪيپر محمد حارٿ هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد عثمان خان به صفيان جي بال تي 8 رنز ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿيو. 7 اوور ۾ عرفان نيازي هڪ رن ٺاهي رن آئوٽ ٿيو ۽ حيدرآباد 72 تي 4 آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد گلين ميڪسويل پهرين ئي ناهيد رانا جي بال تي فرحان يوسف هٿان ڪيچ ٿي ويو. ڪسال مينڊس هڪ رن ٺاهي بريسويل جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد حسان خان آيو جيڪو 7 بالن تي 12 رنز ٺاهي ايرون هارڊي جي بال تي ڪسال مينڊس هٿان ڪيچ ٿي ويو. وڪيٽ جي ٻئي پاسي صائم ايوب بيٺو رهيو پر رنز ڍاهڻ جي رفتار گهت ٿي وئي. 10 اوورن ۾ 90 رنز ٺهيون. 14هين اوور ۾ ناهيد رانا حنين شاهه کي بولد ڪيو، هن9 رنز ٺاهيون. 18 هين اوور ۾ صائم ايوب هارڊي کي وڏي شاٽ جي چڪر ۾ ڪيچ آئوٽ ٿيو، هن 2 ڇڪا ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 50 بالن تي 54 رنز ٺاهيون کيس افتخار ڪيچ ڪيو. هاردي کي عاڪف جاويد چوڪو هڻي اسڪور 127 تائين پڄايو. 18 هيا اور جي آخري بال تي محمد علي کي هارڊي ڪيپر هٿان ڪيچ ڪرايو، حيدرآباد جي پوري ٽيم 18 اوورن ۾ 129 رنز تي ڍير ٿي وئي.
مشهور خبرون










