اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جون ٻه نيون ٽيمون نيلامي جي عمل ذريعي وڪرو ڪيون ويون آهن. اهي ٽيمون ترتيبوار 175 ڪروڙ ۽ 185 ڪروڙ رپين ۾ وڪاميون آهن.
پي ايس ايل جي ستين ٽيم ”حيدرآباد“، آمريڪاجي ايف ڪي ايس گروپ جي فواد سرور هڪ ارب 75 ڪروڙ رپين جي ڪامياب ٻولي ڏئي خريد ڪئي. آمريڪا ۾ ڪرڪيٽ جون مختلف ٽيمون رکڻ واري هن سيڙپڪار گروپ، ٽيم لاءِ حيدرآباد جو نالو چونڊيو آهي.
جڏهن ته اٺين ٽيم ”سيالڪوٽ“، اوزي ڊولپرز 185 ڪروڙ رپين جي ڪامياب ٻولي ڏئي پنهنجي نالي ڪئي. ڪامياب ٻولين جي رقم دراصل سالياني فيس آهي، جيڪا ستين ۽ اٺين ٽيم جا مالڪ هر سال پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي ادا ڪندا.
بوليون کٽيندڙ فرنچائزز کي 10 ورهين لاءِ حق ڏنا ويندا، جيڪي 2035ع تائين لاڳو رهندا، جڏهن ته ان کان پوءِ فرسٽ رائيٽ آف ريفيوزل (يعني ترجيحي تجديد جو حق) به کين حاصل هوندو. ٻولين جي دستاويزن موجب، پي سي بي هر نئين فرنچائز کي ايندڙ پنجن سيزنز لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 85 ڪروڙ رپيا في سيزن آمدني جي ضمانت ڏني آهي.
هن نيلامي لاءِ 10 ٻولي ڏيندڙ چونڊيا ويا هئا، پر خميس ڏينهن تقريب کان اڳ ملتان سلطانز جي اڳوڻي مالڪ علي ترين، جنهن ڏهرڪي شگر ملز طرفان پيپر جمع ڪرايا هئا، تنهن ٻولي ۾ شرڪت کان وڏي رقم ٻڌي حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪيو.
‘حيدرآباد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٺاهڻ چاهيون ٿا’
ايف ڪي ايس گروپ جي سربراهه فواد سرور چيو ته: “اسان هڪ ئي سوچ سان آيا هئاسين ته حيدرآباد جي نالي واري ٽيم ئي وٺڻي آهي، ۽ اسان اها حاصل ڪري ورتي آهي.”
هن وڌيڪ چيو ته: “مان ۽ منهنجي ڀيڻ حيدرآباد ۾ ئي پليا وڌيا آهيون، ڏهين جماعت تائين تعليم اتي حاصل ڪئي، ۽ منهنجو والد فتح ملز ۾ ڪم ڪندو هو. مان ننڍپڻ کان ڪرڪيٽ کيڏندو آيو آهيان، ۽ 1992ع ۾ ارباب نياز اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ سري لنڪا جو ميچ به ڏٺو هو.”
اسٽيڊيم جي تعمير يا بهتري بابت سوال تي هن چيو: “جيڪڏهن پي سي بي اجازت ڏئي ته اسين گرائونڊ جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائينداسين، ڇو ته انفراسٽراڪچر کان سواءِ شيون مشڪل ٿي وڃن ٿيون. اسان هيوسٽن ۾ اسٽيڊيم ٺاهي چڪا آهيون ۽ ويگاس ۾ تعمير جاري آهي.”
‘سيالڪوٽ کي ڪرڪيٽ ٽيم جو تحفو’
سيالڪوٽ ٽيم خريد ڪندڙ اوزي ڊولپرز جي حمزه مجيد چيو ته: “مان انهيءَ ارادي سان آيو هئس ته ڪجهه نه ڪجهه کٽي وڃڻو آهي.” آسٽريليا ۾ قائم اوزي گروپ پهريون ڀيرو ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ داخل ٿيو آهي. حمزه موجب، هو ٻه سال اڳ پنهنجي ڪاروبار ۽ خاندان سميت پاڪستان منتقل ٿيو آهي.
هن چيو: “سيالڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ جو جنون ناقابلِ يقين آهي. هن شهر جي ماڻهن ايئرپورٽ ۽ ايئر لائن پاڻ ٺاهي، هاڻي اسان انهن کي ڪرڪيٽ ٽيم به تحفي طور ڏني آهي.”
نيلا مي دوران ‘ٻوليءَ جي جنگ’ ۾ ڇا ٿيو؟
پهرين رائونڊ ۾ ريزرو پرائيس، يعني گهٽ ۾ گهٽ قيمت، هڪ ارب ڏهه ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي هئي. ٻوليءَ جي شروعات انويريڪس 111 ڪروڙ رپين کان ڪئي، پر ٻين ڪمپنين ٻولي وڌائيندي رقم 125 ڪروڙ رپين تائين پهچائي ڇڏي.
ان کان پوءِ ميدان ۾ رڳو ٻه ڪمپنيون، آئي ٽو سي ۽ ايف ڪي ايس، رهجي ويون. آئي ٽو سي 142 ڪروڙ رپين جي ٻولي ڏني ته ايف ڪي ايس ٻولي وڌائي رقم 155 ڪروڙ تائين پهچائي ڇڏي.
هن موقعي تي پرزم گروپ پنج منٽن جو وقفو گهريو، جنهن سان لڳو ته شايد اها ڪمپني به وڏي رقم جي ٻولي ڏيندي، پر وقفو ختم ٿيڻ باوجود پرزم ڪا به ٻولي نه ڏني. ان دوران آئي ٽو سي ٻولي وڌائيندي 170 ڪروڙ تائين وٺي وئي، پر جڏهن ايف ڪي ايس 175 ڪروڙ رپين جي ٻولي ڏني ته ڪنهن به ٻولي ڏيندڙ وٽ ان جو جواب نه هو.
ٻولي کٽڻ کان پوءِ ايف ڪي ايس گروپ جي نمائندي منتظمين کي ٻڌايو ته “منصوبو اهوئي هو ته خالي هٿ واپس نه وڃڻو آهي.”
ٻئي ٽيم لاءِ ٻوليءَ جو ٻيو مرحلو
ٻئي ٽيم لاءِ ٻوليءَ جو ٻيو مرحلو شروع ٿيو ته شروعاتي قيمت 170 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي. هاڻي ميدان ۾ اٺ ڪمپنيون موجود هيون. ايم نيڪسٽ انڪارپوريٽڊ پهرين ٻولي 171 ڪروڙ رپين جي ڏني. رقم وڌندي 173 ڪروڙ تائين پهتي ته آئي ٽو سي پنج منٽن جو وقفو گهريو. وقفي کان پوءِ هنن 175 ڪروڙ رپين جي ٻولي ڏني.
ان کان پوءِ وڌيڪ ٻوليون به آيون ۽ معاملو 178 ڪروڙ رپين تي وڃي انجام تائين پهچندو نظر آيو. ڪو به ٻولي ڏيندڙ ان کان مٿي وڃڻ لاءِ تيار نه هو. اسڪرين تي آخري 30 سيڪنڊن جو ٽائمر هليو، پر آخري 24هين سيڪنڊ تي آئي ٽو سي 180 ڪروڙ رپين جي ٻولي ڏئي ڇڏي.
هاڻي اوزي ڊيولپرز پنج منٽن جو وقفو گهريو. وقفي کان پوءِ هنن 181 ڪروڙ رپين جي ٻولي ڏني. ٻيهر ڪو به وڌيڪ ٻولي ڏيڻ لاءِ تيار نظر نه آيو. ٻولي ڏيندڙ پنهنجن موبائل فونن ڏانهن ڏسندا ۽ پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪندا رهيا.
آخري 30 سيڪنڊن جو ٽائمر ٻيهر هليو، ۽ 18هين سيڪنڊ تي آئي ٽو سي 182 ڪروڙ رپين جي ٻولي ڏني. اوزي ڊيولپرز اها ٻولي وڌائي 185 ڪروڙ رپين تائين وٺي ويا.
اها اهڙي رقم هئي، جنهن کان مٿي ڪنهن به ٻولي نه ڏني. اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي ٻئي مرحلي ۾ پي ايس ايل جي اٺين ٽيم آسٽريليا سان لاڳاپيل اوزي ڊيولپرز وٽ هلي وئي، ۽ هن گروپ ٽيم جي نالي لاءِ سيالڪوٽ جي چونڊ ڪئي.
پي ايس ايل بابت پسمنظر
پي ايس ايل فرنچائز حاصل ڪرڻ جو هي موقعو اٺن سالن کان پوءِ سامهون آيو آهي، جڏهن ته ليگ 2016ع ۾ پنهنجي پهرين سيزن کان پوءِ هاڻي هڪ ڏهاڪو مڪمل ڪرڻ واري آهي، پي ايس ايل جي شروعات پنج ٽيمَن سان ٿي هئي، ۽ ان وقت ميچ متحده عرب امارات ۾ کيڏيا ويندا هئا. پي سي بي، جيڪو موجوده معاهدن موجب پي ايس ايل جو واحد ريگيوليٽري ادارو آهي، اڳ ئي 2026ع کان ليگ ۾ ٻه نيون ٽيمون شامل ڪرڻ جو منصوبو رکي پيو. جنهن سان ٽيمَن جو انگ ڇهن مان وڌي اٺ ٿي ويو آهي. ان کان اڳ آخري فرنچائز 2018ع ۾ وڪرو ٿي هئي، جڏهن ملتان سلطانز نيلا مي ۾ آئي هئي.
علي ترين جو بيان
انهيءَ وچ ۾ ايڪس (ٽوئيٽر) تي پيغام ۾ علي ترين چيو ته “مون ۽ منهنجي خاندان اڄ پي ايس ايل فرنچائز جي ٻوليءَ واري عمل ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته “ملتان سلطانز وٽ رکڻ رڳو هڪ ڪرڪيٽ ٽيم جي ملڪيت حاصل ڪرڻ نه هو، پر اهو ڏکڻ پنجاب سان لاڳاپيل جنون هو، هڪ اهڙي علائقي کي آواز ڏيڻ لاءِ جيڪو ڊگهي عرصي کان نظرانداز ٿيندو رهيو.” هن وڌيڪ چيو ته “جيڪڏهن مان ڪڏهن ٻيهر پي ايس ايل ڏانهن آيس ته منهنجو مقصد اهوئي هوندو، ڇو ته ڏکڻ پنجاب منهنجو دل ۽ منهنجو گهر آهي.”
پي ايس ايل فرنچائزون پئسو ڪيئن ڪمائين ٿيون؟
پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائزن جي آمدنيءَ جو وڏو حصو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي سينٽرل ريونيو پول مان ايندو آهي. ان ۾ ميڊيا رائيٽس شامل آهن، جتي ٽي وي ۽ ڊجيٽل آمدنيءَ جو 95 سيڪڙو سڀني ٽيمَن ۾ برابر ورهايو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح پي سي بي پاران ٽائيٽل اسپانسرشپ ۽ گرائونڊ اسپانسرشپ مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ جو به 95 سيڪڙو فرنچائزن کي ڏنو ويندو آهي.
ٽڪيٽن جي وڪري، جنهن ۾ ڪارپوريٽ باڪس، هاسپيٽيلٽي ۽ عام ٽڪيٽون شامل آهن، آمدنيءَ جو ٻيو ذريعو آهي، پر مفت ٽڪيٽن جي ڪري ان تي اثر پوي ٿو.ٽڪيٽن مان حاصل ٿيندڙ آمدني به 95 سيڪڙو سڀني ٽيمَن ۾ برابر ورهائي ويندي آهي، ڀلي ڪنهن ٽيم جي ميچ ۾ شائقن جو انگ وڌيڪ هجي يا گهٽ. ان کان علاوه، فرنچائزون پنهنجي الڳ ڪمرشل معاهدن ذريعي به پئسو ڪمائين ٿيون، جهڙوڪ ٽيم جي جرسي، هيلمٽ ۽ ٽرائوزرن تي اسپانسرشپ لوگو ۽ ڊجيٽل اشتهار، جيڪي هر ٽيم جي الڳ آمدني هوندا آهن.
پي سي بي اٺن سالن کان پوءِ ٻه نيون ٽيمون ڇو شامل ڪيون؟
پي سي بي موجب، اٺن سالن تائين پي ايس ايل ۾ نيون ٽيمون شامل نه ڪرڻ جو بنيادي سبب معاهداتي ۽ مالي معاملا هئا. پي ايس ايل جي گڏيل مالي ماڊل تحت ليگ جي ڪل آمدنيءَ جو 95 سيڪڙو موجوده ڇهن فرنچائزن ۾ ورهايو ويندو آهي، جڏهن ته صرف 5 سيڪڙو پي سي بي کي ملندو آهي.
ميڊيا ۽ ڪمرشل معاهدا اڳ ئي طئي ٿيل هجڻ سبب، جيڪڏهن اڳ نيون ٽيمون شامل ڪيون وڃن ها ته موجوده فرنچائزن جي آمدني گهٽجي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ پي سي بي وٽ ڏهين سيزن کان اڳ هڪ ٽيم شامل ڪرڻ جو اختيار موجود هو، پر ائين ڪرڻ سان فرنچائزن جا مالي مفاد متاثر ٿي سگهن پيا ۽ هنن ايئن نه ڪيو.
هاڻي يارهين سيزن کان، جڏهن ميڊيا ۽ ڪمرشل معاهدا نئين سر طئي ڪيا ويندا، پي سي بي ليگ کي اٺن ٽيمَن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کي واڌاري لاءِ مناسب وقت قرار ڏنو پيو وڃي. ملتان سلطانز کان سواءِ باقي سڀئي فرنچائزون مالي طور منافعي ۾ رهيون آهن.
پي ايس ايل جون موجوده ڇهه ٽيمون ڪهڙي حالت ۾ آهن؟
پي ايس ايل جون باقي سڀئي فرنچائزون پنهنجن معاهدن جي توسيع ڪري چڪيون آهن. رڳو ملتان سلطانز واحد فرنچائز هئي، جنهن جي مالڪ علي ترين توسيع نه ڪئي، جنهن کان پوءِ پي سي بي ٽيم جي ملڪيت پاڻ سنڀالي ورتي. پي سي بي ايندڙ سيزن ۾ ملتان سلطانز پاڻ هلائيندي ۽ ان کان پوءِ فرنچائز نئين خريدار کي وڪرو ڪئي ويندي.
هي ٽيون ڀيرو هوندو جڏهن ملتان سلطانز وڪرو ڪئي ويندي. هي فرنچائز 2018ع ۾ دبئي جي رئيل اسٽيٽ ڪمپني شون گروپ کي ڏني وئي هئي، پر هڪ سيزن کان پوءِ ئي سالياني فيس جي ادائيگي تي تڪرار پيدا ٿيو.
شون گروپ سالياني فرنچائز فيس 52 لک ڊالر ادا نه ڪري سگهيو، جنهن کان پوءِ معاهدو ختم ڪيو ويو. ان کان پوءِ پي سي بي ٽيم واپس وٺي ٻيهر نيلامي ڪرائي، جيڪا علي خان ترين ۽ سندن چاچي عالمگير خان ترين جي ڪنسورشيم 65 لک ڊالرن ۾ حاصل ڪئي.
ترين خاندان گذريل ستن سالن دوران ملتان سلطانز جي فرنچائز فيس طور پي سي بي کي ست ارب ستر ڪروڙ رپيا ادا ڪيا آهن. نئين ويليويشن کان پوءِ ملتان سلطانز جي سالياني فرنچائز فيس هڪ ارب ستٽيهه ڪروڙ پنجاهه لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
معاهدي موجب، پي ايس ايل جا ڏهه سال مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سڀني موجوده فرنچائزن جي سالياني فيس ۾ واڌ لازمي آهي، جيڪا يا ته موجوده فيس جو 25 سيڪڙو هوندي يا نئين مارڪيٽ ويليو جو 25 سيڪڙو—جيڪو به وڌيڪ هجي.
نئين ويليويشن موجب فرنچائزن جون قيمتون:
لاهور قلندرز 67 ڪروڙ رپين سان پي ايس ايل جي سڀ کان مهانگي فرنچائز بڻجي وئي آهي.
ڪراچي ڪنگز 63 ڪروڙ 87 لک رپين سان ٻي نمبر تي مهانگي فرنچائز آهي.
پشاور زلمي 48 ڪروڙ 75 لک رپين سان ٽئين نمبر تي آهي.
اسلام آباد يونائيٽڊ جي فرنچائز جي قيمت 47 ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز 35 ڪروڙ 95 لک رپين سان پي ايس ايل جي گهٽ ۾ گهٽ ويليو رکندڙ فرنچائز آهي.










