ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قومي ايئر لائنز (پي آءِ اي) خساري مان نه نڪري سگهي، هن سال به اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي.پي آءِ اي جي مالياتي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته قومي ايئر لائن کي 2022 جي 9 مهينن ۾ 67 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي.مالياتي رپورٽ موجب هلندڙ سال پي آءِ اي جي خساري ۾ 57 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 42 ارب جو نقصان ٿيو هو.










