ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پي آءِ اي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس 5 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي.پي آءِ اي عملدارن موجب بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس ڪراچي هيڊ آفيس ۾ ٿيندو.اختيارين موجب پي آءِ اي جو ساليانو اجلاس 2022ع جي آڊٽ مڪمل نه ٿيڻ سبب ملتوي ٿيو آهي، انتظاميا ايس اي سي پي کي اجلاس هڪ مهينو دير سان طلب ڪيو هو.اختيارين موجب بورڊ اجلاس ۾ پي آءِ اي جو ساليانو اجلاس 30 مئي تي منعقد ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي.اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نئين بزنس پلان جو به جائزو ورتو ويندو ۽ حج فلائيٽ آپريشن 2023ع بابت بريفنگ ڏني ويندي.










