لاهور: (ويب ڊيسڪ) علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپور تي ڪسٽم ڪارروائي ڪندي پي آءِ اي جي ايئر هوسٽس کي پرڏيهي ڪرنسي اسمگلنگ ڪندي سڳ سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.ايئرهوسٽس کان آمريڪي ڊالرز ۽ سعودي ريال هٿ آيا جنهن جي ماليت پاڪستاني ڪرنسي ۾ لکين روپيه بڻجي ٿي، قومي ايئرلائن جي ايئرهوسٽس لاهور مان پي آءِ اي جي اڏام تي جده وڃي رهي هئي، شڪ پوڻ تي ڪسٽمز اختيارين ايف آءِ اي اميگريشن سان ملي ان کي آف لوڊ ڪرايو، جڏهن تلاشي ورتي وئي ته ريال ۽ آمريڪي ڊالر هٿ آيا.ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم راجا بلال موجب برآمد ٿيندڙ رقم ۾ 37 هزار 318 آمريڪي ڊالرز ۽ 40 هزار سعودي ريال شامل آهن اهي ڪرنسي نوٽ پي آءِ اي جي ايئرهوسٽس پنهنجي جورابن ۾ لڪائي رکيا هئا. شڪ پوڻ تي ايئرهوسٽس جي تلاشي ورتي وئي جنهن جي جسم جي مختلف حسن مان اها رقم هٿ آئي. ايئرهوسٽس کي جده ويندڙ اڏام مان لاهي ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ جاچ ٽيم جي حوالي ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم راجا بلال چيو ته ڪرنسي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ وزيراعظم ۽ چيئرمين ايف بي آر جي هدايت تي هر صورت ۾ عمل ڪيو پيو وڃي قومي ايئرلائن جي اعليٰ آفيسرن کي ايئرهوسٽس جي ڪرنسي اسمگلنگ جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي.










