ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ وقت پيپلز پارٽيءَ جو هوندو، پيپلزپارٽي هر هنڌ نظر اچي رهي آهي.هن پنهنجي تازي بيان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊن جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ ٻه ٽي مهينا اليڪشن لاءِ آهن.منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڇڏڻ وارا ان غلط فهمي ۾ نه رهن ته هو گرفتاري کان بچي ويندا.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ مجنون جي پارٽي آهي، هاڻي سڀئي مجنون ٻين پارٽين ۾ وڃي رهيا آهن.منظور وساڻ جو اهو به چوڻ آهي ته هن سال سخت گرمي هوندي، جيلن ۾ وڃڻ وارا گرمي ۽ سختي برداشت نه ڪري سگهندا، ٿي سگهي ٿو جيلن جون ذميواريون هاڻي اسان کي ڏنيون وڃن.










