ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ضمني مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي ڪامياب ٿيڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه اظهار تشڪر ڪندي صدر آصف زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ جيالن کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي جا ميئر جيالا هوندا ڪراچي جو ميئر به پيپلزپارٽي جو جيالو هوندو جيڪو هن شهر جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪندو. وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چنا مطابق سيد مرادعلي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ هي ڪاميابي عوام جو اسان تي ڀرپور اعتماد آهي هن چيو ته ڪراچي شهر ۾بنا ڪنهن فرق جي پيپلزپارٽي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ڪراچي جا رستا، انڊر پاسز، فلائي اوورز، اسپتالون ۽ پاڻي جي نيڪال جي نظام کي اوليتي بنيادن تي تعمير ڪيو هن چيو ته آدمشماري تي پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي مفاد ۾ واضح موقف رکيو پيپلزپارٽي ڪراچي جي عوام جي حقن جي جنگ کلي دل سان وڙهي آهي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي ڀرپور قدم کنيا جنهن جي ڪري اڄ شهر ۾ امن آهي هن ڪراچي شهر جي عوام جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ڪراچي وارن جو ٿورائتو آهيان جن اعتماد ڪيو ۽ اڃا وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو اختيار ڏنو. وڏي وزير چيو ته صوبي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۾ پيپلزپارٽي قيادت ۽ حڪومت عوام سان گڏ رهي. هارين جي بحالي لاءِ ربيع جي فصل لاءِ ٻج جي مد ۾ مالي مدد ڪري ان جو هٿ ونڊايو ۽ هاڻي پاڪستان پيپلزپارٽِ گهرن جي اڏاوت جو واعدو به ڀرپور طريقي سان نڀائي رهي آهي هن چيو ته سنڌ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جيالن جو صوبو آهي ڪراچي جو ميئر پيپلزپارٽي جو جيالو هوندو جيڪو هن شهر جي وڌ ۾وڌ خدمت ڪندو. سنڌ جا سمورن ضلي ڪائونسل جا چيئرمين به شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا جيالا هوندا.










