اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف قوم کي اهم خطاب ڪري رهيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو امن قائم ڪرڻ لاءِ سفارتي محاذ تي ڏينهن رات سرگرم آهي، پاڪستان ٻن محاذن تي تمام گهڻي ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيو آهي.شهباز شريف چيو ته اسان خطي ۽ دوست ملڪن کي تباهي واري جنگ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته مون ڪيترائي ڀيرا ايران ۽ خليجي ملڪن جي سربراهن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پاڪستان جون سفارتي ڪوششون صرف هڪ بين الاقوامي ڪوشش نه پر هڪ مذهبي فرض آهن.وزيراعظم چيو ته اسحاق ڊار پوري لگن ۽ خلوص سان ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فيلڊ مارشل هن عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.وزيراعظم چيو ته مون کي پيٽرول 95 رپيا ۽ ڊيزل 203 رپيا وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي هئي، جنهن کي مون رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ وفاقي حڪومت هن هفتي 56 ارب رپين جو وڌيڪ بار کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم چيو ته اڄ جي تاريخ تي پيٽرول 544 رپيا في ليٽر هجڻ گهرجي ها، جيڪو حڪومت توهان کي 322 رپين ۾ ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت 790 رپيا هجڻ گهرجي ها، جيڪا حڪومت توهان کي 335 رپين ۾ ڏئي رهي آهي.










