اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل 70 ڊالر في بيرل کان هيٺ اچي ويو آهي، قيمت 225 رپيا في ليٽر ڪئي وڃي. لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي جواز بڻائي عوام کي ريليف کان محروم نه ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن معيشت جو ڦيٿو هلائڻو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ڪرڻو پوندو، پيٽروليم ليوي ختم ڪئي وڃي ۽ عوام کي حقيقي ريليف ڏنو وڃي. حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل 70 ڊالر في بيرل کان هيٺ اچي ويو آهي، پيٽرول 225 رپيا في ليٽر ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته حڪومت ڀاڙن سميت تمام ضروري شين جون قيمتون جنگ کان اڳ واري سطح تي واپس آڻي.










