پيٽرول 1 رپيو سستو، ڊيزل 3 رپيا 37 پئسا مهانگو

پيٽرول 1 رپيو سستو، ڊيزل 3 رپيا 37 پئسا مهانگو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڦيرڦار ڪندي پيٽرول جي اگهه ۾ معمولي گهٽتائي ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جو پيٽروليم ڊويزن پاران باقاعدي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن جي تفصيل موجب، 28 جولاءِ کان لاڳو ٿيندڙ نئين اگهن تحت پيٽرول جي قيمت ۾ رڳو 1 رپيو في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 334 رپيا 18 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي، عوام کي هڪ وڏو جهٽڪو ڏيندي هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 37 پئسا في ليٽر جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ڊيزل جي نئين قيمت وڌي 386 رپيا 83 پئسا في ليٽر تائين پهچي وئي آهي. عوامي ۽ ڪاروباري حلقن پاران پيٽرول جي معمولي سستائي کي اونٽ جي وات ۾ جيري برابر قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ڊيزل مهانگو ٿيڻ سبب ملڪ ۾ مال برداري ۽ ڪرايا وڌندا، جنهن سان مهانگائي جو نئون طوفان اڀرندو.

پهنجو تبصرو موڪليو