پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 22 روپيا گهٽتائي جو اعلان

پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 22 روپيا گهٽتائي جو اعلان

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)حڪومت جمعي ڏينهن پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ في لٽر 22 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي۔
گذريل هفتي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ ٿيندڙ قيمتن سبب 29 مئي تائين لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ في لٽر 6 کان 7 رپيا گهٽتائي ڪئي هئي۔
گذريل گهٽتائي کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 402.78 رپيا في لٽر ۽ پيٽرول جي قيمت 403.78 رپيا في لٽر ٿي وئي هئي۔ هاڻي هر شئي جي قيمت ۾ وڌيڪ 22 رپيا گهٽتائي بعد ڊيزل جي نئين قيمت تقريباً 380 رپيا في لٽر ۽ پيٽرول جي قيمت تقريباً 381 رپيا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔
قيمتن ۾ تازي گهٽتائي جو اعلان وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف واعدو ڪيو هو ته “جيئن ئي عوام کي رليف ڏيڻ جي گنجائش پيدا ٿيندي، اهو رليف منتقل ڪيو ويندو۔”
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو: “اهو واعدو پورو ڪيو ويو آهي۔ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ في لٽر 22 رپيا گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ به في لٽر 22 رپيا گهٽتائي ڪئي وڃي۔”
بيان موجب وزيراعظم چيو ته: “عوام کي رليف فراهم ڪرڻ منهنجي اولين ترجيح آهي۔”
پيٽرول گهڻو ڪري نجي ٽرانسپورٽ، ننڍين گاڏين، رڪشن ۽ موٽر سائيڪلن ۾ استعمال ٿيندو آهي، ۽ ان جو سڌو اثر وچولي ۽ هيٺين وچولي طبقي جي بجيٽ تي پوندو آهي۔ جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل خاص طور ڳري ٽرانسپورٽ ۽ وڏن جنريٽرن ۾ استعمال ٿيندو آهي۔
حڪومت 28 فيبروري تي شروع ٿيل ۽ هاڻي رڪيل آمريڪا-اسرائيل ۽ ايران واري جنگ کان پوءِ هر جمعي رات پيٽروليم شين جي قيمتن جو هفتيوار جائزو وٺندي رهي آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو