اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اوگرا پاران پيٽرول جا اگهه گهٽائڻ بابت ڪيل سفارش جي اڌ جيتري رقم گهٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. جنهن موجب ڊيزل، گاسليٽ ۽ پيٽرول ڏيڍ روپيا فر لٽر قيمت گهٽ ڪئي آهي. جنهن بعد پيٽرول جي قيمت 118 روپيا 30 پيسا ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 115 روپيا 03 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي يعني اوگرا عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جي اگهن ۾ گهٽتائي بعد پاڪستان ۾ ساڍا ٽي روپي پيٽرو، ڊيزل جي اگهه ۾ 5 روپيا، لائٽ ديزل 2 روپيا ۽ گاسليٽ 3 روپيا في لٽرگهٽتائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. جنهن جي رسمي منظوري اڄ ڏني ويندي ۽ سڀاڻي پهرين سيپٽمبر کان ملڪ ۾ اهي لاڳو ڪيون وينديون. ياد رهي ته تازو حڪومت ڊيزل تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس، پيٽرول تي 10.54 سيڪڙو ۽ گاسليٽ تي 6.70 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو هو. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت پيٽروليم جي اگهن ۾ لاٿ جي مخالفت ڪري رهي آهي.










