اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي واپارين جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي. واپارين مطالبو ڪيو آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ ايتري وڏي واڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. حڪومت فوري طور تي بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ ظالماڻو اضافو واپس وٺي. واپاري اڳواڻ اجمل بلوچ چيو ته جيڪڏهن قيمتن ۾ اضافو واپس نه ورتو ويو ته ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪنداسين لڳي ٿو ته عام چونڊن دوران مختلف تڪن ۾ پنجاهه پنجاهه ڪروڙ جا فنڊ پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن سان پورا ڪيا ويندا. خدا جي لاءِ سمورن ترقيتي فنڊز تي پابندي لڳائي عوام کي ريليف ڏنو وڃي.اجمل بلوچ وڌيڪ چيو ته عوام ۾ هاڻ دوائون خريد ڪرڻ جي به طاقت نه رهي آهي. ملڪ ۾ معاشي سرگرميون ختم ٿي چڪيون آهن جنهن جو حڪمرانن کي احساس نه آهي. اهڙو نظام آندو وڃي جنهن ۾ ايماندار ماڻهن تي ٻڌل 10 وزيرن جي ڪابينه هجي. واپاري اڳواڻن جي مرڪزي تنظيم جي صدر ڪاشف چوڌري چيو ته حڪومت فوري طور تي بجلي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو ظالماڻو اضافو واپس وٺي، ٻئي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ڪنداسين. حڪومت مفت بجلي، گيس بند ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي مفادن لاءِ مختلف قانونسازيون ڪري رهي آهي. حڪمرانن جون عياشيون وڌي رهيون آهن عوام کي ٻن وقتن جي ماني به نه پئي ملي.










