لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف وزيراعظم کان پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پيٽرول بم ڪيرائڻ کانپوءِ بجلي 6 رپيا وڌيڪ مهانگي ڪئي پئي وڃي. شهباز شريف چيو ته عمران نيازي پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ اضافو واپس وٺي، عوام کان وڌيڪ لعنتون نه وٺن ۽ خدا کان ڊڄو. مخالف ڌر جي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيٽرول جي قيمت ۾ ظالماڻي واڌ هر شئي جي اگهه کي باهه ڏئي ڇڏي آهي. شهباز شريف چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جي مفاد ۾ قانون سازي ڪري ٿي، حڪومت عوام جي رليف لاءِ ٻه ٽي ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، عمران نيازي اتحادين کي وزارتون ته ڏئي سگهي ٿو پر عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هن وٽ ڪجهه به ناهي، هو جلد گهر ويندو.










