اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پهرين آگسٽ کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 50 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 50 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. ان کان علاوه گاسليٽ جي قيمت ۾ 9 رپيا 11 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن موجب عالمي سطح تي خام تيل سستو ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن بابت حتمي سمري حڪومت کي موڪليندو، ناڻي وارو وزير وزيراعظم جي هدايت تي 31 جولاءِ تي پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪندو.










