اسلام آباد ( بيورو) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن جو اختيار اوگرا کان واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهه جو تعين مارڪيٽ ڪندي.اوگرا چيئرمين مسرور خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز جي سربراهن، پيٽروليم ڊويزن ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.ذريعن موجب اڪلاس ۾ پيٽروليم شين جي اگهن کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ واري معاملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، حتمي ٽي او آرز جي جوڙجڪ لاءِ آئل ريفائنريز ۽ ٻين ڌرين کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويندو.










