اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بابت پيٽروليم ڊويزن 19 آگسٽ لاءِ نئون نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.حڪومت پاران 19 آگسٽ کان پيٽرول جي قيمت ۾ 3 روپيا 34 پئسا فی ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5 روپيا 27 پئسا فی ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 334 روپيا 54 پئسا فی ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 395 روپيا 69 پئسا فی ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.










