پيوٽن خاتون اول ميلانيا ٽرمپ جي تعريف ڪئي آهي، ٽرمپ

پيوٽن خاتون اول ميلانيا ٽرمپ جي تعريف ڪئي آهي، ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن خاتون اول ميلانيا ٽرمپ جي تعريف ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته روس صدر ٽرمپ کان وڌيڪ سندس عزت ڪري ٿو.ميلانيا ٽرمپ سلووينيا ۾ پيدا ٿي هئي، جيڪو اڳ ۾ يوگوسلاويا جو حصو هو.صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي خاتون اول بابت ڳالهايو.تقريب ‘ٽيڪ اِٽ ڊائون ايڪٽ’ تي صحيح ڪرڻ لاءِ منعقد ڪئي وئي هئي، جيڪو ميلانيا ٽرمپ جو خيال هو، اهو عمل سوشل ميڊيا تان فحش تصويرون ۽ وڊيوز هٽائڻ بابت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو