پيروسڻ:(رپورٽر) پيروسڻ ڀرسان ڪورڪي حاجاڻا ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب مزدوري ڪندڙ ٽي ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن.فوتين ۾ محمد اقبال بڙدي، شاھ محمد بڙدي، ربنواز بڙدي شامل آھن جڏهن ته زخمين ۾ روشن بڙدي ۽ ملازم لاشاري شامل آھن جڏھن تہ فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٺري ميرواہ اسپتال پھچايو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، زخمين جو علاج جاري آھي.ٻڌايو پيو وڃي ته پنج ئي ڄڻا ڳوٺ ڪورڪي حاجاڻه ۾ جڳھ تي مزدوري ڪري رھيا ھئا ته ٻه ماڙ جڳھ ڪرڻ سبب حادثو پيش آيو آھي فوت ٿيلن جا لاش گھر پھچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو.










