پيرجوڳوٺ(صفي الله مڱڻيجو ) ٻٻرلوءِ لڳ ڳوٺ شاھ لڌاڻي ۾ ڳوٺاڻي 50 ورهين جي محرم علي چانڊيو جو سندس ئي گھر مان گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي جڏهن ته اطلاع تي ٻٻرلوءِ پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ڳاڙهي موري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. جڏهن ته لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي. ان ڏس ۾ مقتول محرم علي چانڊيو جي ڀاءُ نظام چانڊيو ٻڌايو ته هوُ مسڪين آهن سندس ڀاءُ وياج تي قرض کنيون هو ۽ وياجين پاران مسلسل تنگ ڪرڻ ڪري هن خودڪشي ڪئي آهي پوليس موجب واقعي بابت جانچ ڪري رهيا آهيون حقيقتون سامهون اچڻ کانپوءِ ڪاروائي ڪئي ويندي.










