بوزداروڏا (حسين ٽانوري)ڳوٺ ربن خان چنه جو رهواسي 75 ساله پيرسن محمد امين چنه جو نافرمان پٽن پاران مار ڪٽ ڪري گهران ڪڍڻ خلاف پريس ڪلب بوزداروڏا پهتو ان موقعي تي پيرسن محمد امين چنه دانهيندي چيو ته مون سڄي عمر مزدوري ڪري پٽ پڙهايا جڏهن منهنجا پٽ ڪمائڻ لائق ٿيا آهن ته نافرمان پٽن دلشير علي ۽ ارشاد علي مون کي مارڪٽ ڪري مونکي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي جنهن سبب آء ننڍي پٽ جي اٽي جي چڪي مشين جي پلاٽ تي رهندو آهيان منهنجا پٽ ۽ انهن جا سالا مون مٿان ملي ڪري تشدد ڪندا آهن جنهن سبب مون پيرسن کي تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي هن وڌيڪ وس وارن کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.










