نوشھرو فيروز(ن س)پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي ۽ سنڌ صحافي اتحاد پاران پريا ڪماري جي آزاديء لاء الله واري چوڪ کان پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻ ايم ظفر تڳر سنڌ صحافي اتحاد جي اڳواڻ يونس راڄپر ۔ مسرور چاندیو،عتيق وسطڙو اسد عمراڻي خادم سيال ۔فريد لاشاري عتيق وسطڙو ۔زاھد لنڊ ۔فقير ميھر بھڻ اعجاز تڳر خالد چانڊيو ۔بشير وسطڙو ۔شاھد کوکر۽ ٻين جي اڳواني۾ ريلي ڪڊي وئي شھر جو گشت ڪندي نيشنل پريس ڪلب اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پريا ڪماري کي زمين ڳھي وئي آسمان پوليس ۽ حڪمرانن کي سڀ خبر آ ڪٿي آھي مگر بااثر ھئڻ ڪري ان کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ نه ٿو آندو وڃي اسان جو انساني حقن جي علمبردار تنظيمن ۽ وس وارن کي اپيل آھي ته فورن پريا ڪماري کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي۽سنڌ صحافي اتحاد سموري سنڌ ۾ سخت احتجاج جو سڏ ڏيندي ڪجھ به ٿيو ذميوار سنڌ پوليس ھوندي ۽ متان توھان سمجھو ھي احتجاج ختم ٿي ويندا پر پريا جي آزاديء تائين اسان جو احتجاج جاري رھندو










