روم(ويب ڊيسڪ)پوپ ليو آچر ڏينهن والاريل اولهه ڪناري ۾ فلسطينين خلاف تشدد ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جتي انتهاپسند اسرائيلي آبادڪارن جي حملن ۾ واڌ ۽ علائقي جي ڳوٺ قُصره ۾ گهيراءُ جاري آهي.
انساني حقن جي تنظيمن موجب، وڌيڪ زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ ان علائقي کي وڌيڪ محدود ڪرڻ لاءِ، جتي فلسطيني پنهنجي مستقبل جي رياست قائم ڪرڻ چاهين ٿا، هڪ منظم ڪوشش طور اسرائيلي آبادڪارن پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي بند ڪرڻ کان پوءِ گهرن کي گهيري ورتو.
پوپ چيو، ”مان هڪ ڀيرو ٻيهر والاريل اولهه ڪناري ۾ فلسطيني شهري آبادي خلاف بار بار ٿيندڙ تشدد جي خاتمي جو مطالبو ڪريان ٿو.“ هن ڪنهن مخصوص مقابلي يا حملي جو ذڪر نه ڪيو.
پوپ روم کان ٻاهر پنهنجي ڪاسٽيل گاندولفو واري رهائشگاهه تي منجهند جي دعائن کان پوءِ وڌيڪ چيو، ”مان عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي اپيل ڪريان ٿو ته منصفاڻي ۽ پائيدار امن لاءِ ٻن رياستن واري حل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ قدم کڻي.“
ويٽيڪن ڊگهي عرصي کان مستقبل ۾ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ واري خيال جي حمايت ڪندو رهيو آهي. گڏيل قومن جي 193 ميمبر ملڪن مان 150 کان وڌيڪ ملڪ اهڙي فلسطيني رياست کي تسليم ڪري چڪا آهن، جنهن ۾ غزه ۽ اولهه ڪنارو، جنهن ۾ اوڀر يروشلم به شامل آهي، شامل آهن.
اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي ساڄي ڌر واري اتحادي حڪومت اولهه ڪناري ۾ وڏي پيماني تي آبادڪاريون تعمير ڪرائي رهي آهي. ناڻي واري وزير بتسليل سموترچ جو چوڻ آهي ته انهن آبادڪاري منصوبن جو مقصد اهڙي فلسطيني رياست جي قيام واري خيال کي ختم ڪرڻ آهي.
گڏيل قومن ۽ دنيا جي اڪثر حڪومتن جو موقف آهي ته فوجي قبضي هيٺ قائم ڪيل اهي اسرائيلي آبادڪاريون بين الاقوامي قانون تحت غيرقانوني آهن.
اسرائيل 1967ع جي جنگ دوران اولهه ڪناري تي قبضو ڪيو هو، پر اسرائيل جو موقف آهي ته هي علائقو والاريل نه، پر تڪراري علائقو آهي.










