اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ پولٽري شين جي برآمد تي پابندي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران وڪيل دليل ڏيندي چيو ته امپورٽ، ايڪسپورٽ پاليسي ۽ قيمتون مقرر ڪرڻ عدالت جو نه پر حڪومت جو اختيار آهي.سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته تفصيلي سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.










