ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ ڀرتي لاءِ آيل نوجوان ڊوڙ دوران ساهه بوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويو. نوجوان جو تعلق پيرون مل سانگهڙ سان آهي. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان عبدالمجيد پٽ عبدالعزيز ڊوڙ دوران اوچتو ڪري پيو، نوجوان کي مرشد اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هن دم ڏئي ڇڏيو. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي سڃاڻپ ڪارڊ تي موجوده ايڊريس لياقت آباد لکيل آهي، فوتي نوجوان جي شناختي ڪارڊ مستقل پتو ڳوٺ عبدالرشيد سنگراسي پيرون مل سانگهڙ لکيل آهي.










