لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي ڀرسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو جنهن دوران ساٿين جي گولين ۾ هڪ بدنام ڌاڙيل مارجي ويو آهي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري ٻڌايو ته ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو واردات جي ارادي سان ويٺل ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي پيو . ٻنهي پاسن کان گولين جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڌاڙيل پنهنجن ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي وي آهي سندس فرار ساٿين جي ڳولا جاري آهي مارجي ويل ڌاڙيل جي سڃاڻپ طالب بوسڻ طور ٿي آهي، جيڪو قتل، ڦرلٽ، دهشتگردي، رهزني ۽ پوليس سان جهيڙن سميت ڳنڀير ڏوهن ۾ گهربل هو. ايس ايس پي احمد چوڌري موجب مارجي ويل ڌاڙيل پوليس کي تمام گهڻو گهربل هو ۽ لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن جي ڪيترن ئي ٿاڻن تي ويهه کان وڌيڪ ڪيس داخل هئا. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽولي لاءِ انعام ۽ عزت جا حڪم جاري ڪيا آهن










