پوليس ڳوٺاڻي جون چوري ٿيل 6 مينهون بچائي ورتيون

پوليس ڳوٺاڻي جون چوري ٿيل 6 مينهون بچائي ورتيون

عادلپور (اسلم مھر) اي سيڪشن ٿاڻي  جي حد مان ڳوٺاڻي جون چوري ٿيل 6 مينھون  پوليس چورن سان مقابلي بعد ڇڏائي ورتيون. عادلپور پوليس موجب گذريل رات ڳوٺاڻي انور علي ابڙو جي گھران نامعلوم چور 6 مينھون چوري ڪري فرار ٿي ويا جنھن جي عادلپور ٿاڻي جي حد چاڏڪي وٽ ڍوري ۾ بيٺل پن اندر  چورن ۽ مينھون موجود هجڻ جي اطلاع تي ڊي ايس گھوٽڪي شرف الدين  سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪاروائي ڪئي وئي ته اوچتو پن ۾ لڪل چورن پاران پوليس مٿان فائرنگ ڪئي.

پوليس جوابي فائرنگ  ڪئي ۽ ٻن ڪلاڪن جي مسلسل ھلندڙ مقابلي بعد چور مينھون ڇڏي فرار ٿي ويا. جڏھن ته پوليس جي دعويٰ آهي ته چورن جي نشاندھي ٿي وئي آھي جلد وڌيڪ ڪاروائي ڪري اصل چورن کي  گرفتار ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو