سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻو ۽ جلسو، چيف جسٽس جي استعيفيَ جو مطالبو

سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻو ۽ جلسو، چيف جسٽس جي استعيفيَ جو مطالبو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ يعني پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي سڏ تي مختلف پارٽين جا قافلا اسلام آباد پهچي ويا آهن ۽ سپريم ڪورٽ سامهون شاهراهه دستور تي ڌرڻو هنيو آهي. مولانا فضل الرحمان، مريم نواز ۽ سيد نيئر بخاري ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ پهچي ويا آهن. اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس تي ڇتي تنقيد ڪندي مستعفي ٿيڻ جومطالبو ڪيو آهي. عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ جسماني رمانڊ تي هجڻ باوجود سپريم ڪورٽ پاران آزاد ڪرڻ واري فيصلي خلاف مولانا احتجاج جو سڏ ڏنو هو. پوليس جي يو آءِ جي ڪارڪنن کي مرگلا چوڪ، نادرا چوڪ ۽ سيرينا کان ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ روڪيو پر بعد ۾ نادرا چوڪ کان اڳتي پنڌ وڃڻ ڏنو. ڪجهه دير بعد سيرينا چوڪ تي بند ڪيل وڏو لوهو گيٽ انصار الاسلام جا ڪارڪن ڦلانگي اڳتي وڌيا ته پوليس ۽ فرٽيئر ڪنسٽيبلري جا دستا پوئتي هٽي وئي. ڪارڪن رڪاوٽون ٽوڙي گو بنديال گو جا نعرا هڻندي ريڊ زون ۾ داخل ٿيا. گاڏين کي ريڊ زون ۾ وڃڻ نه ڏنوويو. پيپلزپارٽي، جي يو آءِ ۽ مسلم ليگ (ن) جي بينرن وارين اسٽيج وارن ڪنٽينرز کي ريڊ زون ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ٻئي پاسي خيبر پختونخوا، پنجاب ۽ سنڌ کان ايندڙ قافلا رستي ۾ آهن. گذريل ڏينهن راڻا ثناءُ الله ۽ اسحاق ڊار مولانا فضل الرحمان سان مليا هئا ۽ کيس سپريم ڪورٽ آڏو احتجاج نه ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي هئي. سومر تي صبح جو جي يو آءِ ۽ ضلعي انتظاميا ۾ ٻيهر ڳالهيون ٿيون ۽ انتظاميا کين چيو ته سپريم ڪورٽ بدران وزيراعظم هائوس آڏو اسٽيج لڳايو يا ڊي چوڪ تي لڳايو.

پي ڊي ايم ڌرڻي مان انصار الاسلام جي يونيفارم ۾ هڪ شخص کي گرفتار

احتجاجي مظاهري مان انصار الاسلام جي يونيفارم ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو انصار الاسلام جي رضاڪارن کين حراست ۾ وٺي انتظاميا حوالي ڪري ڇڏيو.جي يو آءِ طرفان ڪنهن به شرپسند کي گرفتار ڪري انتظاميه حوالي ڪيو ويندو

جلسي گاهه ۾ خيمن، خيمن، غسل خانن جي تعمير شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪنٽينر ۾ پي ڊي ايم جي احتجاجي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو اجلاس جاري ٿيو،  انتظاميا ڪميٽي اسلام آباد جي سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻي جي حوالي سان معاملن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي،انتظاميا مظاهري کي ڌرڻي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون جلسي گاهه ۾ خيمن، خيمن، غسل خانن جي تعمير شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ،جلسي گاهه ۾ خيمن، خيمن، غسل خانن جي تعمير شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،رابطا ڪميٽي جي سرينا چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ۽ ٻيا اهم انتظام ڪرڻ لاءِ هدايتون ڪيو ويون.

چيف جسٽس صاحب، اوهان عوام جو سمنڊ ڏسي خوش ٿيا آهيو يا نه؟ مريم نواز

اسلام آباد :مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو احترام ڪريون ٿا، اسان آئين جا ٺاهيندڙ آهيون ان ڪري آئين جو احترام ڪريون ٿا.  پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي مريم نواز پڇاڻو ڪيو ته چيف جسٽس عوام جو هي سمنڊ ڏسي خوش ٿيو يا نه؟ هن چيو ته اسان ججن ۽ قانون جو احترام ڪريون ٿا، اسان هتي احتجاج نٿا ڪرڻ چاهيون، ججن جي فيصلن سان پاڪستان جي تباهي به ٿي آهي.مريم نواز وڌيڪ چيو ته اڄ عمران خان جي سهولتڪارن جي ڳالهه ٿيندي، سپريم ڪورٽ کي جمهوريت مضبوط ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته عدليه جي ذميواري آهي ته فتني ۽ فساد پکيڙيندڙن جو خاتمو آڻي، 60 ارب رپين جو مجرم عدالت ۾ پيش ٿئي ٿو، کيس چيو وڃي ٿو ته اوهان سان ملاقات ڪري خوشي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو