ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي ) ملير اسٽيل ٽائون پوليس پاران پابندي مڙهيل قومپرست تنظيم جو سهولت ڪار گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ گرفتار جوابدار 5 آگسٽ 2020 تي چڪرا ڳوٺ ۽ ناصر ڪالوني ۾ ٿيل ڪريڪر ڌماڪن جو اعتراف ڪيو جوابدار جي قبضي مان دستي بم ۽ غيرقانوني هٿيار مليا آهن. ملير جي سومار جوکيو ڳوٺ ۾ اسٽيل ٽائون پوليس ڪارروائي دوران پاران پابندي مڙهيل قومپرست تنظيم جو سهولت ڪار گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتاري جوابدار جو دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث امام بخش عرف ادو کي ڌماڪي دار مواد سپلائي ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي امام بخش عرف ادو ناصر ڪالوني رٽائرڊ نيول آفيسر اسٽيٽ ايجنسي کي دستي بم حملن جو مک ڪردار آهي پوليس جو چوڻ آهي ته امام بخش عرف ادو 5 آگسٽ تي ٿيل ڪريڪر حملن ۾ ٽي شهري سخت زخمي ٿي پيا گرفتار جوابدار پابندي مڙهيل قومپرست تنظيم جي دهشتگردي ڪارروائيون ڪندڙ امام بخش عرف ادو حنيف عرف دودو بلو بادشاهه کي مختلف وقتن تي دستي بم غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد پهچائيندو هو گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ علي رضا ولد عبدالرزاق جتوئي طور ٿي آهي گرفتار جوابدار جي قبضي مان دستي بم ۽ غيرقانوني هٿيار ۽ ايميونيشن هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،










