ملير (درياخان شر) رزاق آباد پوليس ٽرينگ سينٽر ۾ پوليس جو آپريشن ۾ اهلڪارن کي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل فائر ڪري سيکارڻ دوران فائر ڪيل شيل ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ به وڃي ڪريا، جنهن سبب ڳوٺاڻا به سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا ۽ ھر طرف افراتفري مچي وئي ڪجھ ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جا شيل اسڪول ۾ ڪريا جنھن سبب ڪيترا ٻار بيھوش ٿي ويا. ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته پوليس ٽرينگ سينٽر جي اھلڪارن جي لاپرواھي سبب ھي واقعو پيش آيو. ٻئي طرف رزاق آباد پوليس ٽرينگ سينٽر تان واقعي جي معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪو به جواب نه مليو.










