ڪنڌڪوٽ غوثپور/(رپورٽ غالب بلوچ ۽ عبدالنبي ملڪ) دراني مهر ٿاڻي حد جي ڪچي واري علائقي ۾ ڀيو ۽ جاگيراڻي گينگ خلاف پوليس آپريش شروع ڪندي جديد هٿيار ۽ اي پي سي چينن جو استعمال ڪيو ويو جنهن دوران ڌاڙيلن جي ھڙ يئي ٽولن پاران گڏجي پوليس مٿان راڪيٽ جا گولا ۽ جديد هٿيارن جو استعمال ڪندي مقابلو ڪيو ويو جنهن دوران هڪ راهگير عورت ۽ مرد سميت ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا ۽ ايس ايڇ او جمال عبدالطيف ميراڻي پڻ شھيد ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ھلندڙ آپريشن بابت ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون سول اسپتال پهچڻ بعد ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان کي اطلاع مليا هئا ته ڌاڙيل ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل مغوين جي چر پر ڪري رهيا آهن جنهن کان پوءِ ڪشمور ضلعي جي پوليس پاران آپريشن ڪيو ويو آهي ڪشمور پوليس جي آپريشن دوران هڪ ايس ايڇ او عبدالطيف ميراڻي شھيد ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ ڊي ايس پي غلام قادر سومرو ۽ ھڪ پوليس اهلڪار محمد اسحاق ميراڻي زخمي ٿي پيا آهن، ھن وقت به ڏوھارين خلاف پوليس جا جوان وڙهي رهيا آهن اسان کي اطلاع مليا آهن 8 کان وڌيڪ ڌاڙيل مارجي ويا آهن آپريشن ھلندڙ آهي تصديق نه ٿي آهي اڃان ڏوھارين جو گهڻو نقصان ٿيو آهي ڪشمور پوليس کي اي پي سي چين ذريعي ڏوهارين جي گهر تائين پهتا آهيون ڪشمور پوليس کي ڪاميابي ملندي جڏهن ته ڪشمور پوليس ۽ ڏوهارين جي وچ ۾ هلندڙ خوفناڪ فائرنگ جي ڪري علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي۔جڏهن ته شھيد ايس ايڇ او عبدالطيف ميراڻي جو مڙھ ميرپور ماٿيلو اماڻيو ويو جٿي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو. ضلعي ڪشمور جي مختلف علائقن مان ھن وقت به ارڙھن کان وڌيڪ مغوي ڪچي جي ڏوھارين وٽ قيد آھن۔ جنھن جا وارث سراپا احتجاج بڻيل آھن ۽ ڪيترائي ڀيرا مئن انڊس ھا۽ وي بلاڪ ڪري ڌرڻا ھڻي پوليس خلاف ڪاوڙ جو اظھار ڪندا رھن ٿا۔ جنھن بعد ايس ايس پي عرفان سمون ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي ڀاري پوليس نفري بڪتر بند گاڏين سان دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ڏوهاري گينگ جي خلاف ڪومبنگ آپريشن شروع ڪيو آهي.










