سکر(رپورٽ جيرام داس بختيارپوري) ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۽ عوام جي سهولتن لاءِ سکر پوليس 24 ڪلاڪ هيلپ لائن سروس ڪاميابي سان جاري آهي. اهڙو اظهار ايس ايس پي سکر عرفان سمون سنڌيار جي ايڊيٽر اعجاز مهر کي پنهنجي آفيس ۾ بريفنگ ڏيندي ڪيو.

هن ٻڌايو ته موٽر وي تي ٿيندڙ حادثن جي نتيجي ۾ ريپڊ فورس فوري طور متاثرن کي اسپتال پهچائڻ ۽ سندن وارثن سان رابطو ڪري کين مڪمل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ايس ايس پي ان موقعي تي پنهنجي آفيس ۾ قائم مختلف ڊيسڪ ڏيکاريا جيڪي حادثن، چوري، ڦر، اغوا، ڌاڙن، انساني حقن جي خلاف ورزين، گهريلو تشدد روڪڻ ۽ خانداني ملڪيت تي جهڳڙن لاءِ انڪوائريز سيڪشن قائم ڪرڻ ۽ عوامي مسئلا فوري حل ڪرڻ، عدالتن جي چڪرن کان بچڻ لاءِ ورتل اپائن بابت به آگاهه ڪيو.

عرفان سمون هر سيڪشن جو دورو ڪرائڻ بعد بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سندس سکر ۾ سندس ٻن سالن جي پوسٽنگ دورن انعام يافته بدنام ڌاڙيلن هزارو خروس، مکڻو خروس، گل حسن ميراڻي، لياقت جعفري ۽ علام مرتضيٰ جتوئي سميت 16 ڌاڙيل پوليس مقابلن ۾ ماريا آهن. 301 پوليس مقابلا ٿيا جن ۾ 95 ڌاڙيل زخمي به ٿيا. 330 ڏوهاري پڪڙيا ويا، 58 ڪرمنل گينگ تباهه ڪيا، 380 غيرقانوني هٿيار هٿ ڪيا، 3073 روپوش ۽ عدالتن کي گهربل ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا.

663 چوري ٿيل گاڏيون واپس ڪرائي مالڪن حوالي ڪيون ويون جن ۾ 42 ڪار ۽ 519 موٽر سائيڪلون به شامل آهن. عرفان سمون وڌيڪ ٻڌايو ته عوام ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف اپاءَ ورتا ويا آهن، مقاي ايف ايم ريڊيو تي هو پاڻ شريڪ ٿيندو آهي ۽ ڏورانهن علائقن مان جيڪي ماڻهو ايس ايس پي آفيس نٿا پهچي سگهن انهن جا مسئلا فون ۽ ايس ايم ايس سروس ذريعي ٻڌا ويندا آهن.

هن ٻڌايوته اسنيپ چيڪنگ دوران شهرين کان ورتل معلومات جي ڊيٽا بيس به قائم ڪئي وئي آهي. هڪ سوال تي هن ٻڌايو ته سندس آفيس ۾ روزانو 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهو اچن ٿا جن سان هو ملي سندن مسئلا حل ڪرائي ٿو.

هن ٻڌايو ته منشيات فروشن خلاف پڻ ڪامياب مهم هلندڙ آهي ۽ وڏي تعداد ۾ هيروئن، چرس، پان پراگ ۽ ٻيون پابنديون مڙهيل شيون هٿ ڪيون ويون آهن. هن چيو ته سکر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهاري روپوش ٿيندا آهن جن خلاف وقت بوقت آپريشن ڪيو ويندو آهي.










