“پوليس قاتلن سان مليل آهي، بابا جا قاتل ڌمڪيون ٿا ڏين”

خانپورمھر(آفتاب سيال) مقتول چڱي مڙس علي محمد مھر جي وارثن پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته قاتل گرفتار ناهن ٿيا ۽ هو اسان کي به قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ايس ايڇ او خانپورمھر قاتلن سان مليل آھي، هن مهل تائين ڪا به ڪاروائي نه ڪئي اٿائين. اهڙو الزام مقتول جي پٽ محمد حسن مھر، ظفرالله مھر ۽ پوٽي اسد مھر پريس ڪانفرنس ۾ لڳايو. هنن چيو ته اسنکي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار ايس ايڇ او هوندو. هنن چيو ته مقتول علي محمد مھر کي ڏيڍ مھينو اڳ جوابدار امان الله مھر، احمد علي،  محمد علي ۽ علي ڏنو مھر قتل ڪيو. پوليس ھن مھل تائين قاتل گرفتار ناھن ڪيا ھڪ جوابدار علي ڏنو کي پوليس ڊيل تحت ھٿ ڪيو آھي باقي 3مک جوابدار سرعام گھمي رھيا آھن. ھنن جو چوڻ ھيو ته ساڳي ئي جوابدارن اٽڪل ھڪ سال اڳ اسان جي معصوم نينگر غلام محمد مھر کي ڪھي قتل ڪيو هيو جنھن ڪيس جي پوئواري ڪرڻ تي جوابدار قتل جون ڌمڪيون ڏيندا هئا پر پوليس ڪجھ به نه  ڪيو ۽ جوابدارن معصوم غلام محمد مھر قتل ڪيس جي فريادي  علي محمد مھر کي به ساڳي نموني بيدردي سان قتل ڪيو. ھنن وڌيڪ چيو ته پوليس قاتلن کان لکين روپيا رشوت وٺي انھن کي گرفتارڪرڻ لاء تيار ناھي . اسان جو ڪوبه نقصان ٿيو ته ڪيس ايس ايڇ او خانپور مھر ذوالفقارمھر خلاف داخل ڪرائينداسين. مقتول علي محمد مھر جي وارثن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي گھوٽڪي  ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور مقتول علي محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو