پوليس صوفي راڳ جي محفل بند ڪرائي ڇڏي

پوليس صوفي راڳ جي محفل بند ڪرائي ڇڏي

جروار(رپورٽ محمد بخش گبول) عيد جون خوشيون ٻيڻيون ڪرڻ لاء شھر جي نوجوانن پاران قبيلائي ذهنيت واري علائقي ۾ پيار ۽ محبت جو پيغام عام ڪرڻ لاء صوفياڻي راڳ جي محفل جو پروگرام رکيو. جنهن ۾ قومي راڳي ۽صوفي فنڪار رحمان فقير ابڙو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ استيج تي آيو ته ايس ايڇ او ظھير ڀٽو پروگرام بند ڪرائي اسٽيج پٽي ڇڏي. پوليس موجب هتي امن امان جو مسئلو آھي محفل ٻڌڻ لاء ايندڙ ماڻھن کان ڦر جون وارداتون به ٿي سگهن ٿيوان ڪري شھر م ڪٿي به پروگرام نه ڪرڻ ڏينداسين. شھر جي سڄاڻ ڌرين ۾ پوليس جي ان ڪڌي عمل خلاف تاء پکڙيل آھي. سڄاڻ شهرين استاد غلام حيدر بوزدار محمد بخش، مهيش ڪمار فقير ممتاز علي ٻين ان قدم جي مذمت ڪندي چيو ته صوفي پيار محبت ۽ڀائيچاري جو پيغام ڏيندا آھن. جروار تاريخي لحاظ کان صوفين جو شھر رهيو آھي جنهن ۾ ڀڳت ڪنوررام جهڙا انسان دوست به هن شھر۾ پيدا ٿيا ۽ هن شھر ۾ پنهنجي سموري زندگي انسانيت سان پيار ڪرڻ ۾ گذاري ان سان گڏ صوفي هاشم فقير جهڙيون حستيون به جروار سان واسطو رکن ٿيون اڄ ڪلھ صوفياڻيون محفلون گهٽ هجڻ ڪري نوجوان قبيلائي سوچ ۽ منفي سرگرمين ۾ وڪوڙجي وڃن پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو