ڪراچي (رپورٽ شهزادو مستوئي )نيب پاران سنڌ پوليس جي اعلي’ آفيسرن جي اثاثن جو پتو لڳائڻ لاءِ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان کي خط لکي تفصيل طلب ڪيا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل آفيسرن جي نالن يا سندن گهر ڀاتين جي نالن تي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل ڏيو. ذريعن موجب 150 پوليس آفيسرن ۾ ايس ايڇ او سميت مختلف رينڪ جاآفيسر شامل آهن. اڪائونٽ ڪڏهن کان استعمال ٿيڻ شروع ٿيا ۽ ڊپازٽ جي تفصيل به ورتي ويندي 1985 کان وٺي هن وقت تائين جو سمورو رڪارڊ حاصل ڪيو ويندو ۽ بينڪ جي ذريعي ايڪسچينج ڪمپنين کان غير ملڪي رقم جي ڏي وٺ جا تفصيل به حاصل ڪيا ويندا. لسٽ مطابق ڌڻي بخش مري، رائو ذاڪر، ولايت شاهه، رانا لطيف، ارشد لغاري، سجاد حيدر، جاويد سڪندر، ڊي ايس پي سکڻ جعفر بلوچ مٺل شر، پير ناصر، فتح محمد شيخ، فاروق ستي، امجد ڪياني، فيصل خان، مير محمد لاشاري، نواز گوندل، اقبال تنيو، معراج انور، خالد محمود، صائمہ سعيد، گلزار تنيو شاهه لطيف ٿاڻي جو وڏو منشي احسان ﷲ مروت، رائو دلشاد فراست شاهه، اي ڊي چودري رائو ذاڪر ملڪ فيصل لطيف، سميت ٻيا شامل آهن.










