ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڪيلن تي پوليس تشدد واري ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.گلستان جوهر ٿاڻي تي وڪيلن تي پوليس تشدد واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پوليس ڪيس اڪلائڻ لاءِ سي ڪلاس جو چالان جمع ڪرايو، عدالت پوليس جو چالان رد ڪري ڇڏيو.عدالت چيو ته وڪيلن ڪيس ۾ جوابدارن تي سنگين الزام هنيا آهن، هو قانوني ڪارروائي چاهين ٿا، سنڌ حڪومت معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي ٺاهي، جي آءِ ٽي 15 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪري. عدالت شوڪاز جواب جمع نه ڪرائڻ تي اڳوڻي جاچ آفيسر يوسف ناريجو جا 50 هزار رپين جا ضمانتي وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ لاڳاپيل ايس پي کي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳوڻي جاچ آفيسر جي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










