پوليس مقابلو ، ڦورو مارجي ويو

پوليس مقابلو ، ڦورو مارجي ويو

محراب پور (ن س )محرابپور پوليس جو مبينا مقابلو ھڪ ڦورو مارجي ويو ٻه ڏينهن پھريان پوليس اھلڪار اعجاز کنڊ کان ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي کيس سڌيون گوليون ھڻي قتل ڪندڙ ملزم خورشيد ٻانبھن مارجي ويو ھوڏانھن ايس ايڇ او محرابپور مير امداد ٽالپر ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسان کي خفيا اطلاع مليو پوليس اھلڪار اعجاز کنڊ کي قتل ڪندڙ خورشيد ڳوڌو شاخ جي ڀرسان ترسيل آھي اسان جيئن اتان ھن کي ڇاپوھڻي گرفتار ڪرڻ وياسين ته ڏوھارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني سندس ئي ساٿين فائرنگ شروع ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ ملزم خورشيد ٻانڀڻ گولي لڳڻ سبب مارجي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو