پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 5 جُواري گرفتار

پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 5 جُواري گرفتار

خانپورمهر (آفتاب سيال) پوليس لنڊ بازار ڀرسان هلندڙ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي ڪارروائي دوران 5 ڄڻن الھ رکيو ملڪ، ننگر ملڪ، جمشير ملڪ، ڪمال الدين سيال ۽ امير بخش سيال کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو جڏهن ته هڪ ڄڻو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس ڪارروائي دوران 3 موبائيل فون، هڪ هزار رپيا روڪ رقم ۽ تاش جا پتا پڻ هٿ ڪري ورتا. هوڏانهن خانپورمهر پوليس سرڪار پاران اي ايس آءِ لياقت مهر جي فرياد تي گرفتار پنج جوابدارن ۽ هڪ فرار ٿيل جوابدار تي جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب لنڊ بازار ڀرسان ڳجهي اطلاع تي جوا جي اڏي تي ڪارروائي ڪئي جنهن دوران ه هڪ جوابدار رضا محمد ملڪ فرار ٿي ويو آهي. پوليس موجب ڄاڻايل جوابدارن مٿان جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو