شڪارپور (ن س) ٻہ معصوم ٻارڙا بازياب. شڪارپور مان اغوا ڪيل وليد ميمڻ ۽ ناصر بکراڻي بازياب ٿي ويا ، ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ موجب شڪارپور پوليس خانپور جي ڪچي واري علائقي مان ٻنھي مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو، چئن سالن جي وليد ميمڻ پٽ وحيد ميمڻ کي 22 سيپٽمبر تي اسڪول ٻاھران اغوا ڪيو ويو ھو. ٻن سالن جي ناصر بکراڻي پٽ ابوبڪر کي 12 سيپٽمبر تي حاجي لطيف شاھ پاڙي مان گھر ٻاھران اغوا ڪيو ويو ھو. ھڪ ڏينھن اڳ ۾ ھٿياربندن ٻنھي ٻارڙن جو زنجيرن سان ٻڌل وڊيو جاري ڪري 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ھو، پوليس موجب مغوي ٻارڙن جي بازيابي ڪچي ۾ ھلندڙ پوليس آپريشن زريعي ٿي آھي.










