اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پوسٽ 40 ارب رپين کان وڌيڪ بجلي جي بلن جي وصول ڪيل رقم واسطيدار ڪمپنين کي جمع نه ڪرايا. سيڪريٽري توانائي پاڪستان پوسٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين، ناڻي ۽ مواصلات واري وزارت سميت ٻين جو هنگامي اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي سڏايو ويو ته حڪومت پاران توانائي ڪمپنين جا بقايا ادا ڪرڻ جي ضمانت باوجود پاور ڪمپنيون مهانگو بئنڪ قرض وٺي رهيون آهن. لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز ڏانهن موڪليل نوٽيس ۾، پاور ڊويزن چيو آهي ته ڊسڪوز دعوي ڪئي آهي ته “پاڪستان پوسٽ آفيسرن مبينا طور تي جولاء 2021 کان بجلي جي بل جي حوالي سان وصول ڪيل رقم منتقل نه ڪئي آهي.” ياد رهي ته پوسٽ آفيس مراد سعيد جي ماتحت آهي جنهن کي وزيراعظم عمران خان بهترين ڪارڪردگي تي نمبر ون جو ايوارڊ ڏنو هو.










