پورهيت جي گهر کي باهه نوجوان سڙي فوت

پورهيت جي گهر کي باهه نوجوان سڙي فوت

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)جنگشاھي ويجھو ڪوھستاني پٽي ست ڀاڱي چار جي ڳوٺ سڪيلڌو برفت ۾ اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ پورھيت دلاور برفت جو گھر ۽ گھر ۾ رکيل سموري سامان سميت پورھيت دلاور جو 15 ساله پٽ نادر برفت سڙي فوت ٿي ويو، سندس گھر ۾ ڪھرام متل آھي، جڏھن ته سندن اڃان تائين ڪنھن به سار ناھي لڌي، باھ متاثرين کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، جن وس وارن کان سھائتا جي اپيل ڪئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو