ڊرگھ بالا(ن س) ڪاڇي جي ڳوٺ هئيروخان ۾ صبع ايس ايڇ او واهي پانڌي گلزارخشڪ چڙهائي ڪري عرس مستوئي ۽ لعل خان خان مستوئي جي گهر ۾ بلاجواز گهڙي چئوديواري جو تقدس پائمال ڪري ڀڃ ڊاھ ڪري سونازيور، روڪ رقم ۽ هڪ ٻڪرکڻي ويو.جنهن خلاف متاثره خاندان جي ڀاتين احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن ٻڌايو ته اسان پورهيت آهيون محنت مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا آھيون اسان امن پسند ماڻھون آھيون پوليس انچارج واهي پانڌي گلزارخشڪ وردي جو ناجائز فائدو وٺي اسان جي گهرن ۾ گهڙي عورتن سان بدتميزي ڪئي. اسان کانئس پڇو ته معاملو ڇاهي ته هن چيو ته اسان جاچ تي آيا آھيون، ڪهڙي جاج آھي ياڪو فريادي آھي ته ٻڌايو پر انهن هڪ به نه ٻڌي. اسان ميڊيا ذريعي ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪريون ٿا ته سامان موٽرائي ڏيو ۽ بدمسٽ ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪريو.










