پهوڙ _بکراڻي برادري ۾ تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

پهوڙ _بکراڻي برادري ۾ تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

ڳڙهي ياسين (ن س )ڳڙهي ياسين ويجهو پهوڙ-بکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. آغا فارم ٿاڻي جي حد ۾ چوئي شاخ وٽ گهر پنهنجا ۾ الھورايو پهوڙ ۽ ڀورو بکراڻي ڌرين ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڌڻي بخش پٽ الهورايو پهوڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي آغا فارم پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڳڙهي ياسين اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. مقتول نوجوان جي والد الھورايو پهوڙ جو چوڻ هو ته بکراڻي برادري جي هٿياربندن سندس نوجوان پٽ ڌڻي بخش پهوڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او آغا فارم ٻڌايو ته واقعو پهوڙ ۽ بکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ خونريزي کي روڪڻ لاءِ پوليس نفري جهيڙي واري علائقي ۾ مقرر ڪئي وئي آهي، مقتول جا وارث ايندا ته سندن مرضيءَ موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو