پهريون هجي يه آخري اوور منهنجو ڪم مخالف تي وار ڪرڻ آهي

پهريون هجي يه آخري اوور منهنجو ڪم مخالف تي وار ڪرڻ آهي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيڻ ڪنهن به رانديگر جي ڪيريئر جو حصو هوندو آهي، مشين به ڪڏهن ڪڏهن خراب ٿي ويندي آهي، زخمي ٿيڻ ۾ وقت گذارڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو.انٽرويو ڏيندي شاهين آفريدي چيو ته ان انجري دوران گهڻو ڪجهه سکيو، اميد آهي ته پاڪستان لاءِ پرفارمنس جاري رکندو.هن چيو ته هاڻي مان ڪافي فٽ محسوس ڪري رهيو آهيان، ٽنهي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهيان، جيڪڏهن نئين بال سان شروعات ۾ هڪ يا ٻه وڪيٽون ورتيون ته مخالف کي تڪليف ٿيندي.شاهين آفريدي چيو ته پهريون اوور هجي، ٻيو هجي يا آخري، منهنجو ڪم مخالف تي حملو ڪرڻ آهي، منهنجي هميشه ڪوشش آهي ته ٽيم لاءِ پنهنجو بهترين ڏيان.فاسٽ بالر چيو ته اميد آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارينداسين، انشاءَ الله هن ڀيري ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ جو فائنل کٽينداسين، ورلڊ ڪپ کان اڳ ون ڊي ميچون اسان لاءِ اهم آهن.شاهين آفريدي چيو ته ٽورنامينٽ جي شروعات ۾ نيٽ رن ريٽ خراب هوندو ته آخر ۾ نقصان ٿيندو، جيڪڏهن شروع کان ٽاپ ڪرڪيٽ کيڏيو ته پوءِ ڪو مسئلو نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو