پهرين ٽي 20 ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ڇڏي

پهرين ٽي 20 ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ڇڏي

فلوريڊا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان 3 ميچن جي ٽي 20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 14 رنسن سان شڪست ڏئي ڇڏي.آمريڪا جي فلوريڊا جي شهر لاڊرهل ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪپتان شائي هوپ ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون. صائم ايوب 57 ۽ فخر زمان 28 رنسون ٺاهيون.ان کان علاوه حسن نواز 24 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته فهيم اشرف 16 ۽ صاحبزاده فرحان 14 رنسون ٺاهيون. ڪپتان سلمان علي آغا 11 ۽ محمد حارث 6 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا.ويسٽ انڊيز لاءِ شيمار جوزف 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته هولڊر، عقيل حسين ۽ شيفرڊ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.179 رنسن جي هدف جو تعاقب ڪندي ويسٽ انڊيز جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 164 رنسون ٺاهي سگهي.پاڪستان لاءِ، محمد نواز 3 وڪيٽون ورتيون، صائم ايوب 2 وڪيٽون ورتيون، ۽ شاهين آفريدي ۽ صفيان مقيم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽي 20 لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ صاحبزاده فرحان، صائم ايوب، فخر زمان، محمد حارث (وڪيٽ ڪيپر)، سلمان علي آغا (ڪپتان) شامل هئا.ان کان علاوه، حسن نواز، محمد نواز، فهيم اشرف، شاهين آفريدي، حارث رؤف ۽ صفيان مقيم پڻ پليئنگ اليون جو حصو هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو